- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق، اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن جي نئين گاڏين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن لاءِ پهريان کان موجود گاڏيون بلڪل ٺيڪ آهن، نيون گاڏيون گهرائڻ سان ملڪي معيشيت کي نقصان ٿيندو.
قومي اسيمبليءَ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ جي اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن، اسپيڪر اياز صادق کان نين گاڏين جو مطالبو ڪيو هو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صاق چيو ته پهريان کان موجود گاڏيون بلڪل ٺيڪ آهن، نيون گاڏيون گهرائڻ سان ملڪي معيشيت کي نقصان ٿيندو.- Advertisement -
