لبنان ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ حماس جو سينيئر اڳواڻ صالح العاروري شهيد ٿي ويو

- Advertisement -
لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ اسرائيل جي ڊرون حملي ۾ حماس اڳواڻ صالح العاروري ٻن ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ڊرون حملو ڏکڻ بيروت ۾ موجود حماس جي آفيس تي ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي م عمارت کي نقصان پهتو ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي. عرب ميڊيا موجب، حملي م حماس جو سينيئر اڳواڻ ۽ پوليٽيڪل آفيس جو نائب صالح العاروري ٻن ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته جنهن علائقي ۾ حملو ڪيو ويو اهو حزب الله جي اثر هيٺ آهي ۽ اتي حماس سميت ٻيا فلسطيني گروپ به سرگرم آهن. عرب ميڊيا موجب،صالح العاروري جو شمار طوفان اقصى ڪارروائي جي منصوباسازن ۾ ٿيندو هو، هو اسرائيل جي هٽ لسٽ ۾ پهرن نمبر تي هو. لبنان جي وزيراعظم بيروت ڊررون حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي صالح العاروري جي شهادت جي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. لبناني حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو بيروت تي ڊرون حملو لبنان جي خودمختاري جي ڀڃڪڙي آهي، هو ان خلاف گڏيل قومن ۾ شڪايت داخل ڪرائيندا. هوڏانهن صالح العاروري جي شهادت جي اطلاع ملندي ئي اولهه ڪناري ۾ فلسطيني روڊن تي نڪري آيا ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ڪيو. ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته حماس اڳواڻ حزب الله جي سربراهه نصر الله نصر الله سان ملاقات ڪرن وارو هو، ان کان اڳ هو ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سميت ٻين شخصيتن سان به ملاقات ڪري چڪو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون