- Advertisement -
لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربند هٿان زخمي ڪيل پوليس اهلڪار زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
رستم شهر ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اهلڪار عبدالقادر بروهي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس اهلڪار جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
واضح رهي ته گذريل رات هٿياربند جي هوٽل تي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار عبدالقادر بروهي زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
