تازه ترين

لکي غلام شاهه ۾ ڦر مزاحمت تي تشدد ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر رتن ڪمار دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو

- Advertisement -
لکي غلام شاهه ۾ ڦر مزاحمت تي تشدد ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر رتن ڪمار دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ريلوي اسٽيشن حبيب ڪوٽ ڪالوني ۾ ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر رتن ڪمار کي ڦورن ڦر مزاحمت تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو، جيڪو دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر رتن ڪمار کي ڪجهه ماڻهو ڊرپ لڳائڻ جي بهاني سان ڳوٺ ڏانهن وٺي ويا، واپسي تي نامعلوم هٿياربند ڊاڪٽر کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، مزاحمت تي کيس پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. وارثن موجب ڊاڪٽر رتن ڪمار جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي ۽ هو دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ وارثن، هندو برادري ۽ شهرين طرفان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي جوابدارن جي جلد گرفتاري، ڦر ٿيل سامان جي واپسي ۽ واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر رتن ڪمار هڪ انسان دوست ۽ خدمتگار طبيب هو، جنهن جي اوچتي وفات سان علائقو هڪ بهترين ڊاڪٽر کان محروم ٿي ويو آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
25 %
5.4kmh
24 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
28 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون