- Advertisement -
محرابپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻن عورتن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
چانڊيا محلا ڪارنهن تهمت مڙهي عورت شميم خاتون ۽ لالي خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پوليس پهچي ٻنهي عورتن جا مڙهه تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ محرابپور جي رورل هيلٿ سينٽر پهچايا.
ٻئي پاسي پوليس هڪ جوابدار عابد بگا چانڊيو کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ت نياڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار عابد بگا چانڊيو کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو جڏهن ته ٻن جوابدارن کي هٿ سان پئسا وٺي فرار ڪرائي ڇڏيو آھي.
صحافين طرفان ايس ايڇ او محرابپور کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.- Advertisement -
