- Advertisement -
مديجي ۽ ڀرپاسي ۾ چورن ۽ ڦورن تر تپائي ڏنو آهي، هڪ ئي رات ۾ 3 چوريءَ ۽ ڦر جون وارداتون پيش آيون آهن.
ڳوٺ محمد مراد بروهي ۾ چور چنگچي رڪشا ڪاهي فرار ٿي ويا.
ساڳئي ڳوٺ ۾ پورهيت جي زمين تي لڳل لفٽ مشين پڻ چور لاهي ويا.
ڳوٺ قلندر بخش بروهي ۾ هٿياربند زبير بروهيءَ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثرن جو چوڻ آهي ته پوليس جي نااهلي سبب علائقي ۾ چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.- Advertisement -
