مراد علي شاهه کي توهين نوٽيس جاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري گجر ۽ اورنگي نالي عمل ڪرڻ بابت ڪيس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي تي ٻڌل اسپيشل بينچ گجر ۽ اورنگي نالي عمل ڪرڻ بابت ڪيس ۾ وڏي وزير خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ 25 آڪٽوبر 2021ع ۾ آخري حڪم ڏنو، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهين عدالت جي درخواست هاڻي ڇو داخل ڪئي آهي؟.

ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته 2 سال ٿي چڪا آهن ڪنهن هڪ ماڻهو کي گهر ناهي مليو، سنڌ حڪومت اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن کي گهر ڏيڻ جي حامي ڀري هئي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سنڌ حڪومت ٻن سالن ۾ بحالي جو پلان ڏن، اوهان 2، 3 مهينا پهريان ئي سپريم ڪورٽ اچي ويا، درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته پهريان ان لاءِ آيا ڇو ته ڪو هڪ ڪم ناهي ٿيو، گهرن کانسواءِ سهولتن ۽ سنڌ حڪومت کي هر مهيني اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻي هئي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته چيف سيڪريٽري جي ڪا رپورٽ پيش ٿي؟، هاڻي ته وڏو وزير هڪ ٻن ڏينهن ۾ هليو ويندو.

عدالت وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين نوٽيس جاري ڪندي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي جي موقعي تي اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن پاران سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن ۾ پيرسن، عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
37%
2.7m/s
0%
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون