- Advertisement -
مرزاپور ڀرسان گهر مان چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان ڀاڳيو قتل ٿي ويو.
ڳوٺ چني جي وانڍ ۾ چور گهر ۾ داخل ٿيا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا.
جوابدارن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو عزيزالله ناريجو قتل ٿي ويو، جڏهن ته چور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو…..- Advertisement -
