- Advertisement -
مستونگ ۾ ٿيل ڌماڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڪيس ۾ قتل، ارادي قتل ۽ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مستونگ ۾ ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ لڳايل ڌماڪيدار مادي ذريعي ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڌماڪي ۾ 7 کان 8 ڪلو ڌماڪيدار مادو ۽ بال بيرنگ جو استعمال ڪيو ويو، بم ڌماڪي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
جمعي ڏينهن مستونگ ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪار سميت 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 33 زخمي ٿي پيا هئا.- Advertisement -
