- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مستونگ ۾ اسڪول تي ڌماڪو تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙن حملن سان قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ذميوارن جي نشاندهي ڪري عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي ۽ زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
هن چيو ته دهشتگردن جو اسڪول تي ڌماڪو بلوچستان ۾ سندن تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙن حملن سان قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، ملڪ ۽ قوم خاطر قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.- Advertisement -
