مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ ۾ پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار

- Advertisement -
مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ ۾ پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ پارٽي جي اهم اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال ۽ مستقبل لاءِ حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، امير مقام، شاهه غلام قادر، چوڌري طارق فاروق، مشتاق منهاس، افتخار گيلاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ نواز پارلياماني پارٽي ڪشمير ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم سياسي فيصلا ڪيا آهن. احسن اقبال جو چوڻ هو ته موجوده آزاد ڪشمير حڪومت جي نااهلي سبب انتظامي گورننس ۽ ترقي جي عمل ۾ ڪيترائي مسئلا ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته ان لاءِ آزاد ڪشمير جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ موجوده سيٽ اپ ۾ تبديلي اڻٽر ٿي وئي آهي. احسن اقبال واضح ڪيو ته مسلم ليگ نواز آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي کي تحريڪ عدم اعتماد ۾ ووٽ ڏيندي پر پارٽي تحريڪ جي ڪاميابي کانپوءِ حڪومت جو حصو نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نواز آزاد ڪشمير ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي ۽ عوام جي امنگن جي ترجماني جاري رکندي. انجنيئر امير مقام جو چوڻ هو ته مسلم ليگ نواز جو آزاد ڪشمير سان گڏ تاريخي ۽ مضبوط رشتو آهي. سندس چوڻ هو ته ماضيءَ م مسلم ليگ نواز جي حڪومت ترقياتي منصوبن ۽ گورننس جي شعب ي۾ رڪارڊ قائم ڪي ۽ اڄ به پارٽي جو تعلق لوهه جي ڀِت جيان مضبوط آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
30%
1.2m/s
48%
خميس
27 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون