تازه ترين

مسلم ليگ ن جو سنڌ مان مڪمل صفايو ٿي ويندو : سعيد غني

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته فهميده مرزا 26 ڪروڙ رپين جي باقيدار آهي، خبر ناهي ڪهڙي بنياد تي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي،  عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ٿيندي، مسلم ليگ ن جو سنڌ مان مڪمل صفايو ٿي ويندو، مخالف ڌر جو پارٽيون گڏجي به پ پ کي شڪست نه ڏئي سگهنديون. ڪراچيءَ ۾ پ پ اڳواڻ جاويد ناگوري، وقار مهدي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته جيڪي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهي اهي سندن پراڻا ساٿي آهن، لياري مان شاهجهان بلوچ ن ليگ کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته شاهجهان بلوچ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي 2013ع کان 2018ع تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، هن ڪجهه ناراضگي سبب ن ليگ ۾ شموليت ڪئي هئي، هو ن ليگ ڏکڻ جو نائب صدر هو، اڪبر يوسف زئي ۽ عابد سومري جا به ٿورائتا آهن جن پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو، ڪراچي ۾ پ پ جي ڪارڪردگي پهريان کان بهتر آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته فهميده مرزا 26 ڪروڙ جي بينڪ ڊيفالٽر آهي، جيڪڏهن 26 ڪروڙ جي باقيدار کي اجازت ڏني ويندي ته پوءِ بجلي جو بل جمع نه ڪرائڻ واري کي به اجازت ڏين. هن چيو ته مريم نواز سنڌ ۾ 15 اميدوار ئي ٻڌائي، ن ليگ کي سنڌ ۾ اميدوار نه ملندا آهن، پ پ ڪجهه ڪيو آهي ته ماڻهو ووٽ ڏيندا، سياسي پارٽين ۾ ماڻهن جو شامل ٿيڻ يا ڇڏي وڃڻ هلندو آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سياسي سرگرمين ۾ سياسي ڪارڪنن ۾ جهيڙا الڳ معاملو آهي جيڪي جنهن آفيس تي حملو ڪري رهيا آهن سندن پارٽي کي روڪڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ چونڊ سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي، مخالف سياسي پارٽين کي يقين آهي ته پيپلز پارٽي کي اڪيلي نٿو هارائي سگهجي، اهي کين هارائڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اها ئي سندن ڪاميابي آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم مان کين ڪابه خير جي اميد ناهي، پيپلز پارٽي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ٿيندي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون