تازه ترين

ڪوئٽا مان شارجا ويندڙ مسافر وٽان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ

- Advertisement -
ڪوئيٽا کان شارجا ويندڙ مسافر وٽان هڪ ڪروڙ  کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  ڪرنسي سمگلنگ ۾ ملوث ٽولي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪرنسي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، ڪرنسي سمگلنگ ۾ ملوث ٽولي خلاف ڪريڪ ڊائون جي تسلسل ۾ ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪوئيٽا ۽ ايف آءِ اي اميگريشن ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. ايف آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي دوران جوابدار جي جهڙتي ورتي وئي ته سندس بوٽ ۽ ٿيلهي مان ڪرنسي هٿ ڪئي وئي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، جوابدار عبدالله گل کي ڊيپارچر لائونج مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار شارجه وڃي رهيو هو، جنهن وٽان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته 21 هزار 510 آسٽريلين ڊالر، 10 هزار سعودي ريال، چار هزار يورو، 8 هزار 450 سوئس فرنڪ، 855 برطانوي پائونڊ، 1275 يو اي درهم، نيوزيلينڊ ڊالر ۽ ٻين ملڪن جي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪوئيٽا جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻين جوابدارن جي ملوث هجڻ بابت جاچ جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
15 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
48 %
4.3kmh
29 %
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون