تازه ترين

مسلم ليگ ن حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. اسلام آباد ۾  ن ليگ جي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي چيو ته هو کائنس رهنمائي وٺندا آهن، هن وقت ملڪ ۽ قومي کي ٻيهر اوهان جي ضرورت آهي، يقين ڪيو هن وقت ڪير به خوشي سان حڪومت وٺڻ جو خواهشمند ناهي اوهان هڪ ڀيرو ٻيهر اسانجي رهنمائي ڪيو. ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ جي يو آءِ سان ٿيل مبينا ڌانڌلي جون شڪايتون ڪيون. ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان چيو ته هن سدائين ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، سندن مينڊيٽ چوري ٿيو، جماعت جي اڪثريت جي راءِ آهي ته حڪومت بدران اپوزيشن ۾ ويهڻ گھرجي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب! هن اليڪشن ۾ به اسان سان سان اهو ٿيو آهي جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو، مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ اوهان جون تجويزون ضرور رکيون وينديون، ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب! هن اليڪشن ۾ به اسان سان اهڙو ڪجهه ٿيو، جيڪو اڳ ۾ ئي نه هو، اميد آهي ته پاڪستاني عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هاڪاري فيصلا ٿيندا، جيڪو به فيصلو ٿيندو توهان کي آگاهه ڪندس.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
26 %
3.7kmh
1 %
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون