مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ عدالتي سڌارن تي اتفاق ڪري ورتو آهي

- Advertisement -
مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ عدالتي سڌارن تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان جاتي امراءَ لاهور ۾ سياسي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ 26هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي. گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ آئيني ترميم تي مشاورت لاءِ پ پ سان ملاقات ڪئي، پ پ سان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي اتفاق راءِ ڪيو هو. هن چيو ته عدليه بابت سڌارن تي اتفاق راءِ حاصل ڪري ورتو آهي، ٻين ترميمن تي به مشاورت ڪندا، شروعاتي ترميم کي رد ڪيو هو، ان کي اڄ به رد ڪن ٿا. فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومتي جماعتن سان جي يو آءِ ڳالهيون ڪيون، اهم مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ملڪ به بچندو ۽ آئين به بچندو. جي يو آءِ سربراهه جو وڌيڪ  چوڻ هو ته هو اڄ اسلام آباد پهچي پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ پي ٽي آءِ قيادت جي راءِ آئيني ترميم ۾ شامل ڪندا. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ اتفاق ٿيو هو، اڄ ٽنهي جماعتن ۾ اتفاق ٿيو آهي، آئيني عدالتن ذريعي آئين جي بالادستي ۽ تڪڙو انصاف چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سڌارن کانپوءِ عوام کي نظر ايندو ته آئين جي دفاع لاءِ ڇا ڪن ٿا، مناسب وقت تي تجويز ڪيل ترميمن کي ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائيندا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته عدليه بابت آئيني ترميم تي ٽن پارٽين جو اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، ٻين تجويز ڪيل بابت ايندڙ ڏينهن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
39%
3.7m/s
39%
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون