ملير: ڪراچي ملير جيل مان سزا پوري ٿيڻ بعد 80 ڀارتي مهاڻن کي ڀارت موڪليو ويندو

- Advertisement -
ملير جيل مان سزا پوري ڪرڻ تي 80  ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارتي مهاڻن کي ملير جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي جنهن کي سخت پوليس پھري ھيٺ جيل کان  ڪينٽ اسٽيشن پهچايو ويو. جيل اختيارين موجب، آزادي ماڻيندڙ ڀارتي مهاڻن کي ڪينٽ کان علامه اقبال ايڪسپريس ذريعي واهگا بارڊر لاهور منتقل ڪيو ويندو. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته واهگا بارڊر تان پاڪستاني اختيارين پاران آزادي ماڻيندڙ 80 مھاڻن کي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو. سماجي تنظيم ايڌي فائونڊيشن طرفان آزادي ماڻيندڙ ڀارتي مهاڻن جي سفري خرچ سميت پنج هزار روڪ رقم، ڪپڙا ۽ ضرورت جو سامان ڏنو ويو آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
28%
2.9m/s
1%
ڇنڇر
24 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون