ملير ضلعي ۾ هن ڀيري به پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ نه ڪري سگهي

- Advertisement -
ملير ضلعي ۾ هن ڀيري به پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ نه ڪري سگهي، پ پ کي قومي تڪن تي ڪاميابي ملي پر صوبائي اسيمبليءَ جو هڪ تڪ هارائي وئي. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 229 ملير تي پ پ اميدوار ڄام عبدالڪريم 55 هزار 732 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته ن ليگ جو قادر ڪلمتي 21 هزار 841 ووٽ کڻي هارائي ويو. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 230 ملير تي پ پ اميدوار آغا رفيق الله 32 هزار 99 ووٽ حاصل ڪري سوڀارو ٿيو،آزاد اميدوار ڊاڪٽر مسرور سيال 23 هزار 370 ووٽ کڻي سگهيو. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي231 ملير تي پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ 43 هزار 634 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، آزاد اميدوار خالد محمود علي 43 هزار 245 ووٽ حاصل ڪيا. ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 84 تي پ پ اميدوار محمد يوسف بلوچ 25 هزار 348 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، آزاد اميدوار زين العابدين ڪولاچي 13 هزار 437 ووٽ کڻي هارائي ويو. ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 85 تي پ پ اميدوار ساجد جوکيو 27 هزار 791 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته ن ليگ اميدوار پير حفيظ الله جان سرهندي 14 هزار 304 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 86 تي پ پ اميدوار عبدالرزاق راجا 15 هزار 17 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، ن ليگ اميدوار محمد يعقوب خاصخيلي 6 هزار 633 ووٽ کڻي هارائي ويو. ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 87 تي پ پ اميدوار محمد عالم ڄاموٽ 19 هزار 220 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو جڏهن ته آزاد اميدوار طائوس خان 7 هزار 703 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 88 تي آزاد اميدوار اعجاز خان 17 هزار 580 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، پ پ اميدوار مزمل شاهه 12 هزار 580 ووٽ کڻي هارائي ويو. ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 89 تي پ پ اميدوار سليم بلوچ 25 هزار 326 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي جڏهن ته جماعت اسلامي جو شعيب حيدر 7 هزار 223 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون