- Advertisement -
ملير ۾ فيڪٽري اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن.
پورٽ قاسم ويجهو گيهه جي فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽي پيو.
بوائلر ڦاٽڻ سبب 32 ورهين جو ناصر پٺاڻ ۽ 35 ورهين جو ڪامران ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽيهه ورهين جي تنوير ۽ چاليهه ورهين جي خالد سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي جناح اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ڪامران ۽ ناصر پٺاڻ جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گيهه جي فيڪٽري اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
