- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي واٽ تي هلي رهيو آهي.
چين روانگي وقت پنهنجي وڊيو بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ڀائرن وانگر ساٿ ڏنو آهي.
هن چيو ته چيني سيڙپڪاريءَ سان لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو ويو، چين دنيا جي ٻئي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي.
سندس چوڻ هو ته چيني صدر سان ڳالهيون ڪري نون معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن ۾ مثالي دوستيءَ جو ڪو به مٽ ناهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين پهرين ڏينهن کان هڪ ٻئي مٿان تمام گهڻو اعتماد ڪن ٿا، ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.- Advertisement -
