تازه ترين

ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري

- Advertisement -
ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 647 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا جنهن بعد هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 75 هزار 603 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 647 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا، واپس ويندڙن ۾ 186 مرد، 145 عورتون ۽ 316 ٻارڙا شامل آهن. افغانستان روانگي لاءِ 54 گاڏين ۾ 83 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي. وفاقي حڪومت جي اعلان کان اڳ غيرقانوني افغان شهري گهڻي انگ ۾ گرفتاري جي خوف کان واپس افغانستان ويندا رهيا جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 75 هزار 603 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جنهن سبب سمگلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ٻيا سنگين ڏوهه عام هئا جڏهن ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ مان غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
29 %
5.7kmh
15 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون