سپريم ڪورٽ پرويز الاهي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ پرويز الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل احسان کوکر دليل ڏيندي چيو ته هو اليڪشن ۾ دير نٿا چاهن، سندس اصيل کي پي پي 32 گجرات جي حد تائين اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت سوال ڪيو ته پلاٽ جي ڪاغذن تائين اوهان کي ڪيئن پهچ ملي جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته پلاٽ جا دستاويز تپيدار کان مليا آهن. جسٽس اطهر چيو ته اوهان جو اهو چوڻ آهي ته حڪومت ان ۾ ملوث آهي؟. عدالت چيو ته ووٽرن کي سندن ووٽ جي حق کان محروم نه رکڻ گهرجي، رٽرننگ آفيسر جو ڪم سهولت پيدا ڪرڻ آهي چونڊن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ناهي، عجيب ڳالهه آهي هڪ ئي سياسي پارٽي سان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، اليڪشن جو مطلب ماڻهن جي شموليت آهي کين ٻاهر ڪرڻ ناهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرٽيڪل 17 چئي ٿو ته اثرائتن سببن کانسواءِ اليڪشن کان روڪي نٿو سگهجي، آئين چونڊن لاءِ ڊي فرنچائر ناهي انفرنچرائز ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو. عدالت پرويز الاهي جي اپيل منظور ڪندي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت پرويز الاهي جو نالو بيلٽ پيپر ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
47%
1.7m/s
0%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون