- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي معافيون ۽ اين آر او ناهي ملندو، هڪ شيطاني سوچ رکندڙ شخص ۽ مخصوص پارٽي نوجوانن جو برين واش ڪيو، 9 مئي ۽ 26 نومبر جون ناڪام بغاوتون نوجوانن جي برين واشنگ جو نتيجو آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز قوم جي ٻارن کي اليڪٽرڪ بائيڪس کانپوءِ اسڪالرشپ ڏئي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته مريم نواز خلاف 2014ع کان ڪريل مهم هلي رهي آهي پر هو هر گذرندڙ ڏينهن سان مقبول ۽ طاقتور ٿئي پئي، جيڪي عوام جي ووٽ سان اقتدار ۾ ايندا آهن کين عوام جي پرواهه هوندي آهي.
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته جيڪي چوري دروازي کان اقتدار تي قابض ٿيندا آهن، اهي قوم جي ٻارن کي هٿن ۾ پيٽرول بم ۽ غليل ڏيندا آهن.
هن چيو ته جيڪي اقتدار جي ڪرسي تي ويهي شاهي حڪم کي آخري قرار ڏيندا هئا اڄ کين آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي.
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي معافيون ۽ اين آر او ناهي ملندو، هڪ شيطاني سوچ رکندڙ شخص ۽ مخصوص پارٽي نوجوانن جو برين واش ڪيو، 9 مئي ۽ 26 نومبر جون ناڪام بغاوتون نوجوانن جي برين واشنگ جو نتيجو آهن.- Advertisement -
