علي امين گنڊا پور ۽ عمر تنوير بٽ احتجاج ڪيس ۾ اشتهاري قرار

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ۽ عمر تنوير بٽ کي پي ٽي آءِ باني جي نااهلي تي احتجاج ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي نااهلي تي احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪئي. ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد ۽ واثق قيوم عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ٻڌڻي دوران ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ عمر تنوير بٽ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عامر ڪياني خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران فيصل جاويد طرفان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. عدالت غير حاضر جوابدارن جا گرفتار وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ درخواستن تي دليل طلب ڪري ورتا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
61%
1m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون