ملڪ ۾ نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري آهي

- Advertisement -
ملڪ ۾ نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري آهي، ووٽنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام چار وڳي تائين جاري رهندو. ملڪ جي نئين صدر جي عهدي لاءِ اتحادي حڪومتي جي اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي محمود خان اچڪزئي ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. نئين صدر جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سنڌ سميت چئني صوبن جي اسيمبلين ۾ پولنگ عمل جاري آهي. صدر عارف علوي طرفان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ ملڪ جي اهم ترين آئيني عهدي لاءِ چونڊ ٿي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ عليم خان سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، سينيٽر ڪهدا بابر، حسين الاهي، شهرام ترڪئي، حنيف عباسي، عاطف خان ۽ ٻين ميمبرن به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي. صدارتي چونڊ لاءِ 14 سئو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا آهن، قومي اسيمبليءَ لاءِ 400 ۽ سينيٽ لاءِ هڪ سئو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. پنجاب اسيمبليءَ لاءِ 400، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا لاءِ 2، 2 سئو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا جڏهن ته بلوچستان لاءِ هڪ سئو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. صدارتي عهدي تي حڪمران اتحاد جي اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 400 ووٽ جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي محمود خان اچڪزئي کي 200 جي لڳ ڀڳ ووٽ ملڻ جو امڪان آهي. صدارتي چونڊن ۾ جي يو آءِ ف ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا رٽرننگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اسلام آباد، پشاور، سنڌ ۽ ڪوئيٽا هائيڪورٽن جا چيف جسٽس پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جو ميمبر سنڌ نثار دراني پنجاب جو پرزائيڊنگ آفيسر مقرر آهي، پولنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي عهدي تي ڪامياب اميدوار جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون