- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير رحيم خان جو دورو ڪري پاڪ فوج جي جنگي مشقن شمشير صحرا جو معائنو ڪيو، سندس چوڻ آهي ته هٿياربند فوج کي دشمن جي ڪنهن به اڳرائي خلاف هر وقت تيار رهڻ گهرجي، پاڪ فوج قوم جي حمايت سان علاقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير رحيم يار خان ويجهو تربيتي علائقي ۾ فيلڊ ايڪسرسائز جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي مشق شمشير صحرا بابت آگاهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، شمشير صحرا مشق جو مقصد آپريشنل ماحول ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل پيشواراني صلاحيت ۽ جنگ جي ميدان ۾ طريقيڪار کي وڌائڻ هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف آرمر، انفنٽري، ميڪانائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئر ڊفينس ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل سميت مختلف جنگي مشقن جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، مشق ۾ هوائي فوج جي جهازن به حصو ورتو، هن مشق ۾ اليڪٽرانڪ وار فيئر جي صلاحيتن ۽ معلوماتي آپريشنز کي به شامل ڪيو ويو، جيڪي جنگ دوران دشمن جي مواصلاتي صلاحيتن ۽ ڊس انفارميشن مهم کي دٻائڻ لاءِ گهبرل هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير مشق جي علائقي ۾ فوجين سان سڄو ڏينهن گذاريو، مشق ۾ شريڪ فوجين سان ڳالهين دوران آرمي چيف تربيتي مهارت، آپريشنل تيارين ۽ سموري رينڪ جي اعليٰ حوصلي جي ساراهه ڪئي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج کي دشمن جي ڪنهن به اڳرائي لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي، پاڪ فوج قوم جي حمايت سان علاقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ان کان اڳ فيلڊ ايرا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويليو ايشن آرمي چيف جو آڌرڀاءُ ڪيو.- Advertisement -
