- Advertisement -
مهانگائي جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي، هڪ هفتي دوران عام واهپي جي 21 شيون مهانگايون ٿيون.
شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ته ملڪ ۾ ٻئي هفتي ۾ به مهانگائي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 44 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن بعد سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح وڌي 13 ڏهائي 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
رپورٽ موجب هفتي دوران 21 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ۽ 10 شين جي اگهن ۾ گهٽائي ٿي، جڏهن ته 20 شين جا اگهه برقرار رهيا.
تازي هفتي دوران ٽماٽا 18 ڏهائي 51 سيڪڙو، بصر 5 ڏهائي 89 سيڪڙو، ڪڪڙ 3 ڏهائي 72 سيڪڙو، اٽو 3 ڏهائي 63 سيڪڙو، چڻن جي دال، مڱن جي دال، سرنهن جو تيل، باهه ٻارڻ واري ڪاٺي ۽ ٿوم جا اگهه وڌيا.
شماريات کاتي موجب ايل پي جي جو اگهه ٻڙي 98 سيڪڙو، ماچس، سگريٽ ۽ پٽاٽا به مهانگا ٿيا.- Advertisement -
