- Advertisement -
مودي طرفان اسرائيل کي غزه مٿان بمباري دوران هٿيار فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
غزه مٿان جاري اسرائيلي جارحيت کي 262 ڏينهن گذري ويا ۽ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جي دهشتگردي اڄ به جاري آهي.
غزه تي اسرائيلي حملن جو سڀ کان وڏو حامي ڀارت آهي جيڪو مودي جي مسلمان دشمني جو ثبوت آهي.
مودي طرفان اسرائيل کي وڏي تعداد ۾ هٿيارن جي فراهمي جو عمل جاري آهي.
اسرائيلي اخبار موجب مظلوم فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ کي برقرار رکڻ ۾ ڀارت اسرائيل کي جديد هرميس 900 ڊرون سان گڏ ٻيا هٿيار فراهم ڪيا.
اسرائيلي اخبار موجب اسرائيل کي اهو ڊرون فراهم ڪرڻ لاءِ مودي سرڪار ۽ اعليٰ اختيارين خاص طور تي منظوري ڏني.
ان کان اڳ به 8 جون تي فلسطين ۾ قائم گڏيل قومن جي ڪئمپ ۾ پناهه ورتل فلسطينين تي اسرائيلي فوج بمباري ڪئي.
اسرائيل طرفان ميڊ ان انڊيا ليبل جا ڀارتي ميزائلن جي بمباري جي نتيجي ۾ 40 معصوم فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
فيبروري 2024ع ۾ ڀارتي فيڪٽري طرفان اسرائيل لاءِ غزه خلاف جنگ ۾ خاص 20 ڊرونز تيار ڪيا ويا.
ڀارتي فيڪٽري اڊاني گروپ ۽ اسرائيلي بچاءَ واري ڪمپني ايلبٽ سسٽمز طرفان قائم ڪئي وئي جيڪا اسرائيل کان ٻاهر اهڙا ڊرون تيار ڪندڙ دنيا جي پهرين فيڪٽري آهي.
هلندڙ سال به اڊاني گروپ طرفان ڊرون ڀارت کان اسرائيل موڪليا ويا هئا جيڪي غزه ۾ هٿين خالي مسلمانن تي استعمال ڪيا ويا
اسرائيلي اخبار موجب فلسطين خلاف جنگ شروع ٿيڻ سان ئي ڀارت اسرائيل کي شيلز ۽ هٿيار فراهم ڪيا.
7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي هن وقت تائين غزه تي اسرائيل جي بمبارين جي نتيجي ۾ 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 86 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا جن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي.
هٿين خالي مظلمون فلسطينين جي شهادت ۾ اسرائيل سان گڏوگڏ ڀارت به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
فلسطين ۾ ڀارتي ميزائلن جو استعمال واضح ڪري ٿو ته انتها پسند مودي ڀارت ڀارت کان ٻاهر به مسلمانن تي حملا ڪرائي پنهنجي يهودي آقائن جي مڪمل حمايت ڪري رهيو آهي.
ڀارت ۽ اسرائيل جي ڳٺ جوڙ دنيا کي هڪ خطرناڪ جنگ ۾ ڌڪي سگهي ٿي.
مودي جو اکنڊ ڀارت ۽ گريٽر اسرائيل هڪ ئي نظريي جا ٻه پاسا آهن……- Advertisement -
