موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان پهرين جولاءِ دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي

- Advertisement -
موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان پهرين جولاءِ دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اڄ عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان چوماسيَ جون هوائون ملڪ جي اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون،  جنهن ڪري اڄ لاءِ پهرين جولاءِ دوران سنڌ ۾ ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽  بدين ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچيءَ ۾ 2 يا 3 جولاءِ تي برسات ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ 27جون کان پهرين جولاءِ تائين اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات ٿيندي، اڄ کان 30 جون دوران بهاولپور، ملتان، خانيوال، راجنپور ۽ رحيم يار خان ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب 28 جون کان پهرين جولاءِ دوران ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برساتون ٿينديون، لسٻيلي، خضدار، آوران ۽ بارکان ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات جي ڏکڻ ۾ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
42%
1.2m/s
3%
سُومر
12 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون