- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي.
پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي دھشتگردي ٽورڙ عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي گهر ڪئي.
جاچ آفيسر ذوالفقار مهر چيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.
دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جاچ آفيسر، فريادي ۽ جوابدار جي وڪيلن جا بيان ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ فريادي پٺاڻي گڏاڻي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فريادي ۽ شاهدن جي جان کي خطرو آهي.
عدالت فريادي ۽ شاهدن کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ايندڙ ٻڌڻي تي فريادي ۽ شاهدن جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.- Advertisement -
