- Advertisement -
ميٽا جي ملڪيت سوشل ميڊيا جي ايپليڪيشن فيس بڪ، ميسنجر ۽ انسٽاگرام جي بند ٿيڻ سبب ڪمپني جي سي اي او مارڪ زڪربرگ کي اربين ڊالرز جو نقصان ٿي ويو.
اڱاري تي سڄي دنيا ۾ ميٽا ڪمپني جي ويب ۽ موبائل ايپليڪيشن ڊائون ٿي وئي ھئي ۽ صارفين جو فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ فيس بڪ ميسنجر اڪائونٽ پاڻمرادو بند ٿي ويا ھئا.
صارفين پاران شڪايت ڪئي وئي ته فيس بڪ جو اڪائونٽ پاڻمرادو بند ٿي ويو ۽ ٻيهر ٻيھر پاس ورڊ لڳائڻ کانپوءِ آئي ڊي پاس ورڊ غلط قرار ڏنو.
صارفين موجب، انسٽاگرام، ٿريڊز ۽ فيس بڪ ميسنجر ساڳيو مسئلو پيش آيو، جڏھن ته سروسز ھڪ ڪلاڪ لاءِ بند ٿيڻ کانپوءِ بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي ھئي.
سوشل ميڊيا ايپليڪيشن جي بند ٿيڻ سبب ميٽا ڪمپني جي سي اي او مارڪ زڪربرگ کي ھڪ ڏينھن ۾ لڳ ڀڳ 3 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو.
عالمي ميگزين بلومبرگ بلينيئرز انڊيڪس ۾ مارڪ زڪر برگ جي سموري ماليت ڏينھن ۾ 2.79 ارب ڊالر مان گھٽجي 176 ارب ڊالر ٿي وئي پر ان جي باوجود ھو دنيا جو چوٿون امير ترين شخص برقرار آھي.
عالمي سطح تي بندش کانپوءِ ميٽا جي حصي ۾ 1.6 سيڪڙو گھٽتائي آئي، جنھن جي نتيجي ۾ مارڪ زڪر برگ جي سموري ملڪيت ۾ گھٽ ٿي ھئي جڏھن ته وال اسٽريٽ مارڪيٽ ۾ ميٽا جو ھڪ شيئر 490.22 ڊالر جو رھيو.
واضح رھي ته ميٽا جي زير ملڪيت ايپس معطل ٿيڻ بعد صارفين پاران (ٽوئٽر) دلچسپ ميمز جي ڀرمار ڪئي وئي ھئي.- Advertisement -
