تازه ترين

ٿر ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ گهرو اڻبڻت سبب هلندڙ سال 146 ماڻهن پاران مبينا آپگهات

- Advertisement -
ٿر ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ گهرو اڻبڻت سبب مختلف علائقن ۾ هڪ سال اندر 146 ڄڻن آپگهات ڪيو. پوليس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٿر جي 7 تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڪلوئي ۽ ڏاهلي ۾ 73 عورتن ۽ 73 مردن آپگهات ڪري زندگي جو انت آندو. آپگهات ڪندڙن ۾ ننڍي عمر جا ٻارڙا پڻ شامل آهن، جڏهن ته 15 کان 20 ورهين جي 36 ڄڻن، 21 کان 30 ورهين جي 51 ۽ 31 کان 40 ورهين جي 18 ڄڻن آپگهات ڪيو. آپگهات ڪندڙن ۾ 41 کان 60 سالن جي 20 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته گڏيل طور هڪ سال دوران 146 ڄڻن آپگهات ڪيو. ايس ايس پي ٿرپارڪر سمير نور چنا سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندن ڪوشش آهي ته هر آپگهات ڪندڙ جو پوسٽ مارٽم ڪرائي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، پر وارثن پاران دٻاءُ هجڻ سبب هو پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائي سگهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
44 %
2.6kmh
19 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون