- Advertisement -
مٽياري ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
کيبر ويجهو 71 موري وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار عبدالشڪور کيبر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته صاحب ڏنو سخت زخمي ٿي پيو.
حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي صاحب ڏنو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
عبدالشڪور ۽ صاحب ڏنو جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.- Advertisement -
