- Advertisement -
اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ن ليگ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته کين پنجاب وڌيڪ سيٽون ملن، پر هو دعويٰ ٿو ڪن ته پ پ پنجاب ۾ وڏي پارٽي بڻجي اڀرندي.
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هو عام چونڊن ۾ 100 کان وڌيڪ سيٽون کڻندا، اسان جو امپائر عوام آهي فيصلو عوام ڏيندو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ مئل گهوڙو بڻجي چڪي آهي، خوراڪ ڏئي کيس ٻيهر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته اليڪشن جي موجوده صورتحال ۾ هڪ ئي اڳواڻ آهي جيڪو سموري پاڪستان ۾ جلسا ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي پروگرام ۽ پنهنجي سوچ عوام کي ٻڌائي رهيو آهي، ٻيا ته اڃان تائين ماضي ۾ ڦاٿل آهن ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو.
ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته مان جڏهن ڪراچي ۾ اسڪول ۾ هئس ته ڀتي کان سواءِ گذرڻ نه ڏنو ويندو هو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ مئل گهوڙو بڻجي چڪي آهي، ان کي خوراڪ ڏئي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم اها پارٽي آهي جيڪا هڪ هنڌ نه رهندي آهي عوام انهي کي ووٽ ڏئي جيڪا اوهان جو ووٽ ضايع نه ڪري- Advertisement -
