- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات ڪري پاڪستان جي معاشي بحالي لاءِ پنهنجي حڪومت جي روڊ ميپ کان آگاهه ڪيو.
اسحاق ڊار برطانوي پارليامينٽ ميمبرن سان تجويزن طلب ڪيون ته ڪهڙي طرح پاڪستان ۾ سڌيءَ ريت برطانوي سيڙپڪاري کي آڻي سگھجي ٿو ۽ ٻه طرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪري سگھجي ٿو.
اسحاق ڊار ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته برطانوي پاڪستانين لاءِ پنهنجي پاڙن سان جڙيل رهڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ نئين فري ويزا پاليسي متعارف ڪرائي آهي.- Advertisement -
