- Advertisement -
ننگرپارڪر ۾ جهنگلي جيوت کاتي پاران هرڻن جو شڪار ڪرڻ تي هڪ ڄڻي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز تي مسلسل خبرون نشر ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪنزور ويٽر اعجاز ٽالپر معاملي جو نوٽيس وٺندي ٻن ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جهنگلي جيوت کاتي جي گيم واچر عثمان ڪنڀر جي فرياد تي ڏانو ڌانڌل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.- Advertisement -
