تازه ترين

نو مئي تي وڳوڙي ٽولن ملڪي سلامتي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي : عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته نو مئي تي وڳوڙي ٽولن ملڪي سلامتي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، نو مئي کي ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، پي ٽي آءِ باني، شيخ مجيب کي قومي هيرو قرار ڏيڻ کانپوءِ يوٽرن ورتو. لاهور ۾ ن ليگ اڳواڻ حنا پرويز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته معاشري ۾ عدم برداشت جي رويي کي منهن ڏئي رهيا آهن، عورتن جي حقن لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، هزارين عورتون پوليس اسٽيشنز ۾ دانهن ورنائڻ لاءِ فرياد ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته ورچوئل پوليس اسٽيشن ۾ عورتون ئي عورتن سان رابطو ڪنديون آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي عورتن لاءِ زيرو ٽالرنس آهي، ثانيه زهره ڪيس ۾ آپگهات جا ثبوت ناهن مليا، سس ۽ مڙس گڏجي کيس قتل ڪيو. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته 9 مئي ۾ جوڊيشل ڪميشن جي ضرورت ڇو آهي، 9 مئي هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿيو، ان ۾ هڪ سال جون ڪوششون آهن، ڇا حسان نيازي، ياسمين راشد ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ نه هئا؟. هن چيو ته تحريڪ انصاف باني چيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو ته ماڻهن کي ڪينٽ ئي وڃڻ گهربو هو، هي ماڻهو عدالتي هٿوڙي سان انصاف جي عمل کي تباهه ڪرڻ چاهن ٿا، انگلينڊ جو مثال وٺو اتي رڳو هڪ ري ٽوئٽ تي سزائون ڏنيون ويون. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته 9 مئي پٺيان تحريڪ انصاف باني جا 70 جلسا، 2 لانگ مارچ ۽ زهريليون تقريرون هيون، ڇا 9 مئي تي ياسمين راشد احتجاج کي ليڊ نه ڪيو؟، ملڪ ۾ جنهن جي حڪومت آهي اهي نظر اچي رهيا آهن ۽ اهي ئي ڪم ڪري رهيا آهن، ڇا اهو رڳو اتفاق هو ته هر شهر ۾ احتجاج ڪندڙ فوجي ٿاڪن تائين پهچي ويا. عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي وي کي باهه ڏني وئي، ايمبولينس ۽ ٽول پلازه کي ساڙيو ويو، فوجي مجسما ڪيرايا ويا، چون ٿا معاف ڪريو، بنگلاديش جا شاگرد جيڪڏهن ٻاهر نڪتا ته هنن وٽ ملازمتون نه ملڻ جو سبب هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون