- Advertisement -
نوابشاهه ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن طرفان شهيد بينظير آباد بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.
شاگردن علي محمد، شهباز، اقرار جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.
شاگردن الزام هڻندي چيو ته تازو نائين ۽ يارهين ڪلاس جي نتيجن ۾ شاگردن کي تمام گهٽ مارڪون ڏيڻ سان گڏ هزارين شاگردن کي فيل ڪري مستقبل تباهه ڪيو ويو آهي.
شاگردن الزام هڻندي چيو ته بورڊ انتظاميا رشوت عيوض گريڊ ڏئي رهي آهي جنهن سبب ميرٽ جي سڌي ريت لتاڙ ٿي رهي آهي.
شاگردن مطالبو ڪيو ته بورڊ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ٻيهر پيپر چيڪ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
رابطو ڪرڻ تي شهيد بينظير آباد بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر آصف ميمڻ جو چوڻ هو ته اي مارڪنگ جي ڪري رزلٽ ۾مسئلو ٿي سگهي ٿو شاگرد درخواست ڏين پيپر ري چيڪ ٿيندا.- Advertisement -
