- Advertisement -
نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي وڌڻ کانپوءِ انتظاميا فوٽ پاٿن تي ٻارڙن جو علاج ۽ ڪينولا لڳائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي سامان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
نوابشاهه ۽ ڀرپاسي ايڇ آءِ وي خاص طور ٻارڙن ۾ وڌڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر هلڻ کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران فوٽ پاٿن تي ٻارڙن جو علاج ۽ ڪينولا لڳائيندڙن خلاف ٻئي ڏينهن به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو.
اسپتال روڊ تي فوٽ پاٿن تي ٻارڙن جو علاج ۽ ڪينولا لڳائيندڙن جي دڪانن تي ڇاپب دوران عملو فرار ٿي ويو جڏهن ته سامان تحويل ۾ ورتو ويو.
اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه جو چوڻ آهي ته صحت واري صوبائي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي غيرقانوني ڪينولا لڳائيندڙن، ليبارٽرين ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
