مسلم ليگ نون جي سينيئر اڳواڻ ۽ بچاءَ واري اڳوڻي وزير خواجا محمد آصف اعتراف ڪيو آهي ته هـُو 16 مهينن ۾ پي ٽي آءِ جي 4 سالن جو گند صاف نه ڪري سگھيا.
سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هلندي رهي ها ته ملبو کڻڻ لاءِ ڪير به اڳتي نه اچي ها.
سندس چوڻ هو ته هو پي ٽي آءِ جي چار سالن جو گند صاف نه ڪري سگھيا، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ گم لڳا پيا آهن پر هـُو اڄ اوهان جي سامهون آهن.
نواز ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته زبردستي ٺاهيل پارٽين ۾ گھڻا پکي شامل ٿي ويندا آهن.
خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته صرف موٽر وي سيالڪوٽ جي معيشيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر خوشحالي جو پيغام بڻجي اچي رهيو آهي.
