تازه ترين

نواز شريف ۽ مريم نواز سان جاپاني سفير جي ملاقات

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان جاپاني سفير مٽسوهيرو واڊا ملاقات ڪئي آهي.

ٽنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ن ليگ صدر ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا اڳتي وڌائڻ لاءِ اهي پرعزم آهن، جاپان پنهنجي محنت ۽ لڳاءَ سان دنيا ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو.

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته ميان نواز شريف پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ ۾ پڻ دلچسپي رکي ٿو، تعليم، صحت ۽ شهري سهولتن جي بهتري ۾ پنجاب حڪومت سان جاپان جو سهڪار ساراهه جوڳو عمل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ تعليم، صحت، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي، صوبو سيڙپڪاري لاءِ تمام فائدي ماحول ۽ سهولتون ڏئي رهيو آهي.

ان موقعي تي جاپاني سفير مٽسوهيرو واڊا چيو ته هو پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون