نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي پنج ميچن جي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي

- Advertisement -
نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي پنج ميچن جي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي، قومي ٽيم جي بيٽنگ لڳاتار ناڪام رهي، پاڪستان 225 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهي سگهي. ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 225 رنسون ٺاهيون. ڪيوي اوپنر فن ايلن 137 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ڊيون ڪونوي 7، ٽم سائفرٽ 31، ڊيرل مچلز 8، گلين فلپس 19، مارڪ چيمپمين 1، مچل سينٽنر 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته ميٽ هينري هڪ ۽ ايش سوڌي 3 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود رهيا. پاڪستان 225 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستاني ڪپتان شاهين آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ 4 اوورن ۾ 43 رنسون ڏئي صرف هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. زمان خان به هڪ وڪيٽ ورتي، حارث رئوف اننگز جو مهانگو بالر ثابت ٿيو، جنهن 4 اوورن ۾ 60 رنز ڏئي رڳو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، محمد نواز ۽ محمد وسيم هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪري سگهيا. ڪيويز طرفان ڏنل 225 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم جو اوپنر صائم ايوب ٽيم کي سٺي شروعات نه ڏئي سگهيو ۽ 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ساٿي بيٽسمين محمد رضوان 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظم پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي، فخر زمان 19، اعظم خان 10، افتخار احمد 1 ۽ محمد نواز 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 2، ميٽ هينري، لوڪي فرگوسن، مچل سينٽنر ۽ ايش سوڌي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ميٽ هينري 51 رنسون ڏئي مهانگو بالر ثابت ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
68%
3.5m/s
2%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون