- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هو ماضي جي زيادتين کي وساري مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ آيو آهي، ملڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ تي ڪيترائي ڀيرا جيل ڀوڳڻو پيو، اڄ شڪايتون ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي، مستقبل جي ڳالهه ڪرڻ آيو آهي.
مسلم ليگ ن جي منشور واري تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته الله تعاليٰ موقعو ڏنو ته منشور تي عمل ڪندا، هو اليڪشن وڙهڻ لاءِ جي ڀرپور تياري ڪري رهيا آهن، انتقام نه پر ترقي جي سياست ڌيان آهي.
سندس چوڻ هو ته ميثاق جمهوريت تي سڀني صحيحون ڪيون هيون پر ميثاق جمهوريت جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، هميشه اصولن تي سياست ڪئي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ کي سمورن مسئلن مان ڪڍڻ چاهن ٿا، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو معيشيت جو آهي، هميشه غريب، مزدور ۽ هيٺين طبقي بابت سوچيو آهي.
هن چيو ته هو ڪڏهن سوچيندو آهي ته غلطيءَ جو پتو لڳڻ گهرجي، عجيب اتفاق آهي ته هو جيلن ۾ جيل ۾ رهڻ بعد به اڄ پنهنجو منشور پيش ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن، عمل ته پري جي ڳالهه آهي، ڪجهه ماڻهن وٽ ته منشور به ناهي، ڌرڻن سبب چيني صدر ٻه ڀيرا پنهنجو دورو ملتوي ڪيو.
مسلم ليگ نون جي قائد چيو ته هو اهو ئي ڪندا جيڪو سندن منشور ۾ آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر ۾ آيا ته اهو ڪم ڪڏهن به نه ڪندا جيڪو هنن ڪيو، هي سندن منشور آهي، ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۾ آهي، ملڪ کي سمورن مسئلن مان ڪڍڻ چاهن ٿا.
نواز شريف چيو ته جڏهن هو وزيراعظم ٿيو ته ڪجهه ڏينهن بعد مارڪيٽ ۾ ويو ۽ ڀاڄين جا اگهه معلوم ڪيا، کيس غريب جي تڪليف جو احساس نه هجي ها ته ڇو مارڪيٽ وڃي اگهه معلوم ڪري ها.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن کين بنا مداخلت جي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته ملڪ جي شڪل مختلف هجي ها، کيس ماڻهو چوندا هئا ته اوهان وزيراعظم بڻجي ويا آهيو پر اوهان جي منهن تي اها خوشي ناهي.
نواز شريف چيو ته فيٽف جي گري لسٽ ۾ هئا، اهڙي حالتن ۾ ڪهڙو وزيراعظم مسڪرائيندو، 2013ع کان 2017ع تائين سندس حڪومت هئي، جنهن بعد سندس حڪومت ۾ نه هئي، شهباز شريف ۽ سندس ٽيم پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچائي ورتو.
مسلم ليگ نون جي قائد چيو ته مولانا فضل الرحمان آيو ۽ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ حڪومت ٺاهي سگهن ٿا، مولانا کي چيو ته انگن اکرن جي لحاظ سان هنن کان وڌيڪ آهن، 2018ع ۾ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن کي اڪثريت هئي پر حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي.
نواز شريف چيو ته کيس اڄ لڳي ٿو ته مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه نه ٻڌي غلط فيصلو ڪيو، کين موقعو ئي نه ڏنو وڃي ها، خيبرپختونخوا جي عوام کي هاڻي ذميواري جو ثبوت ڏيڻو پوندو، خيبرپختونخوا جي ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته ڪهڙي قسم جي ماڻهو کي موقعو ڏنو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪي پي جو عوام انهن کان پڇاڻو ڪري ته چئن سالن ۾ ڇا ڪيو آهي؟ ڪو هڪ منصوبو ٻڌايو، اوهان مهانگائي ڪري غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، اوهان بجلي مهانگي ڪري ڇڏي، سندس دور ۾ بجلي مهانگي نه هئي.
نواز شريف وڌيڪ چيو ته سندس دور ۾ ٽريڪٽر جي قيمت 9 لک هئي، گاڏيون 20، 20 لکن ۾ هيون، اڄ ڪروڙين رپين تائين پهچي چڪيون آهن، 2017ع جو حادثو نه ٿئي ها ته ماڻهن وٽ موٽرسائيڪل بدران گاڏيون هجن ها.
مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندن موٽرويز تي رڳو ڪارون نه پر ايئر فورس جا جهاز لينڊ ۽ ٽيڪ آف ڪندا آهن، موقعو مليو ته نوجوانن ۽ عورتن جي خدمت ڪندا، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ خدمت ڪندا، هو گڏجي ڪوشش ڪندا، فرنٽ تي ويٺل سڀئي دوست مڃي رهيا آهن ته نواز شريف جي ڳالهه صحيح آهي- Advertisement -
