تازه ترين

وزيراعظم ايندڙ سال چوماسي جي برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ حفاظتي تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ سال چوماسي جي برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ حفاظتي تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ موسمياتي تبديلي جي وزارت جي ڊگهي منصوبي جي منظوري به ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان بچاءَ جي حڪومتي حڪمت عملي تي جائزو اجلاس ٿيو. شهباز شريف پيش ڪيل ڊگهن منصوبن جي منظوري ڏني ۽ فوري ان تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي جي وزارت، منصوبابندي جي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان مضبوط منصوبابندي ڪن. وزيراعظم شهباز شريف پاڻي جي بهتر انتظام لاءِ قومي سطح تي منصوبابندي لاءِ نيشنل واٽر ڪائونسل جي اجلاس جي تياري جي به هدايت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترقي پذير ملڪ آهي ۽ هر ٽئين سال موسمياتي تبديلي جي نقصانن تي جي ڊي پي جو ڪافي حصو خرچ ڪرڻو پوندو آهي. سندس چوڻ هو ته قيمتي ۽ محدود وسيلا ترقي بدران موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان بچاءَ تي استعمال ٿيندا آهن ۽ پاڪستان جنهن جو موسمياتي تبديلي ۾ ڪردار نه هئڻ برابر آهي، ان جي اثرن جي لپيٽ ۾ آهي. اجلاس۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون