- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف هائوسنگ سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي.
يارهن رڪني ٽاسڪ فورس جي سربراهيءَ هائوسنگ وارو وفاقي وزير ڪندو.
ناڻي وارو وزير، روينيو وارو مملڪتي وزير، ڊي جي ويلفيئر اينڊ ري هيبليٽيشن پاڪ آرمي ميجر جنرل دلاور خان ۽ چيئرمين ايف بي آر ٽاسڪ فورس جو حصو هوندا.
ڊي جي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي ۽ هائوسنگ سيڪٽر جا مختلف ماهر به ٽاسڪ فورس ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ٽاسڪ فورس هائوسنگ جي شعبي جي ترقي لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪندي.
ٽاسڪ فورس اربن منصوبابندي جي پاليسين ۾ تبديلين جون سفارشون تيار ۽ هائوسنگ شعبي تي موجوده اوڳاڙي نظام جي اثرن جو جائزو وٺندي.
ٽاسڪ فورس هڪ مهيني جي اندر قطعي سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي……….- Advertisement -
