تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان لاءِ خوشخبري آهي؛ مريم اورنگزيب

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان لاءِ خوشخبري آهي، ترقي جو سفر 2018ع ۾ رڪجي ويو هو، هاڻي ٻيهر شروع ٿيندو، نوجوانن کي روزگار، ڪاروبار ۽ ترقي جو دور شروع ٿيندو، شهباز شريف ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو هو، هاڻي معيشيت کي مضبوط ڪندو، ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو، عوام جون مشڪل حالتون بهتر ٿينديون. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ترقي جو جيڪو سفر 2018ع ۾ رڪجي ويو هو، هاڻي  ٻيهر شروع ٿيندو. سندس چوڻ هو ته نوجوانن لاءِ روزگار، ڪاروبار ۽ ترقي جو دور ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي، شهباز شريف ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، هاڻي معيشت کي  استحڪام ڏيندو. مسلم ليگ نون جي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام سان عوام جو ڏکيون حالتون بهتر ٿينديون، ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تعليم، صحت، آءِ ٽي، زراعت، صنعت ۽ نوجوانن جي ترقي جو سفر شروع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته چئن سالن کان جنهن بي رحمي سان ملڪ جي سمورن شعبن کي برباد ڪيو ويو، ان جي بحالي  ۽ نئين سر تعمير شروع ٿيندي، شفافيت ۽ عوام خدمت جو  دور هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي. مسلم ليگ نون جي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو ته نوجوانن کي ليپ ٽاپ، آءِ ٽي ۾ ترقي، روزگار ۽ راندين جا موقع ڏيڻ جو دور شروع ٿي رهيو آهي، پاڪسان جي پرڏيهي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اعتماد جو نئين دور جي شروعات ٿيندي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون