- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارتن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي.
ابوظهبي پهچڻ تي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ چيئرمين صدارتي درٻار شيخ منصور بن زيد النهيان وزيراعظم شهباز شريف جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو.
آجيان ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستاني سفير فيصل نياز ترمزي، پاڪستان ۾ اماراتي سفير حماد عبيد ابراهيم الزعاهي ۽ اعليٰ پاڪستاني توڙي اماراتي اختيارين به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارتن جي ڪاروباري شخصيتن توڙي سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارتن جو پهريون دورو آهي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به شهباز شريف سان گڏ آهن.
- Advertisement -
