تازه ترين

وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون زراعت دشمن پاليسين تي عمل ڪري رهيون آهن: ايس ايو پي سربراهه زين شاهه

- Advertisement -
ايس ايو پي سربراهه زين شاهه چيو آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون زراعت دشمن پاليسين تي عمل ڪري رهيون آهن، شيون ٻاهر موڪلڻ يا گهرائڻ جي پاليسي ۾ حڪومت جو پنهنجو مفاد هوندو آهي، پنهنجي فائدي لاءِ ڪروڙين ماڻهن جي معاشي حالتن کي تباهه ڪيو ويندو آهي، سارين جا اگهه نه ملڻ سبب سموري سنڌ ۾ آبادگار پريشاني جو شڪار آهن. سيد زين شاهه ٿرڙي محبت پهچي ايس يو پي اڳواڻ غلام شبير منگي جي نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو، فقير محمد تنيو ۽ ٻيا اڳواڻن توڙي ڪارڪن موجود هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون زراعت دشمن پاليسين تي عمل ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته شيون ٻاهر موڪلڻ يا گهرائڻ جي پاليسي ۾ حڪومت جو پنهنجو مفاد هوندو آهي، پنهنجي فائدي لاءِ ڪروڙين ماڻهن جي معاشي حالتن کي تباهه ڪيو ويندو آهي. ايس ايو پي سربراهه چيو ته سارين جا اگهه نه ملڻ سبب سموري سنڌ ۾ آبادگار پريشاني جو شڪار آهن. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ کي ارسا ايڪٽ تحت پاڻي نه پيو ملي، سنڌ جي حصي جي پاڻي جي ڪٽوتي رهي آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
14 %
4kmh
0 %
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون