تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ جديد اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جو افتتاح

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ جديد اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ اميگريشن کي اٿارٽي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پاسپورٽ آفيس ٻاهران موجود مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پاسپورٽ ۽ نادرا جي آفيسن ۾ بهتري آئي آهي. اسلام آباد ۾ جديد اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جي افتتاحي تقريب ٿي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ جديد اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ پاسپورٽس جو بيگ لاگ ختم ٿي ويو آهي، پاسپورٽس ۽ نادرا آفيس ۾ مسئلن کي حل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام کي پاسپورٽ ۽ نادرا آفيس ۾ باعزت طريقي سان ڊيل ڪيو پيو وڃي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاسپورٽ اينڊ اميگريشن کي اٿارٽي بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي، 14 کان 16 شهرن ۾ 24 ڪلاڪ فعال نادرا آفيسن ۾ پاسپورٽ جاري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسلام آباد پاسپورٽ آفيس کي 24 ڪلاڪن لاءِ فعال ڪيو پيو وڃي، پاسپورٽ آفيس ٻاهران موجود مافيا خلاف ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري پئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ماڻهن کي هاڻي بروقت پاسپورٽ ملندي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
26 %
3.3kmh
39 %
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون