- Advertisement -
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پ پ چيئرمين جو ڪامياب جلسو هوائن جو رخ ٻڌائي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي جنگ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ناڪارا سروي ڪمپني جي ميڊيا مارڪيٽنگ کانسواءِ ڪجهه ناهي، ناڪارا سروري عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ دوکو ڏيڻ جو هڪ طريقو آهي.
سندس چوڻ هو ته عوام ۾ مقبول ڪو به ليڊر ٻين پارٽين کي سيٽ ايڊجسٽمنيٽ لاءِ منٿون ناهي ڪندو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته رڳو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي منشور سان گڏ عوام جي وچ ۾ آهي.
هن چيو ته فيصل آباد ۾ پ پ چيئرمين جو ڪامياب جلسو هوائن جو رخ ٻڌائي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي جنگ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب جي مختلف ڊويزن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، لاهور، سرگوڌا، ساهيوال، گجرانوالا ۽ راولپنڊي ڊويزن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو آهي- Advertisement -
