- Advertisement -
يمن جي حوثين بحيره احمر ۾ ٽن سامونڊي جهازن تي ميزائل فائر ڪيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، امريڪي قومي سلامتي بابت ترجمان جان ڪربي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته امريڪي سامونڊي فوج حوثين طرفان فائر ڪيل 2 ميزائل تباهه ڪيا ويا ۽ هڪ هدف کان پري ڪـِريو.
جان ڪربي جو چوڻ آهي ته شپنگ جي حفاظت لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
ٻئي پاسي اميرڪي سينٽرل ڪمان جو چوڻ آهي ته حوثين جو هدف امريڪي ڪنٽينر شپ هو، حملي ۾ جهاز، ڪارگو ۽ عملي کي نقصان ناهي پهتو، شپنگ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪنٽينر شپس جي حفاظت تي مقرر امريڪي سامونڊي فوج فائر ڪيل ڪيترائي ميزائيل تباهه ڪيا ۽ امريڪي نيوي جهازن کي حفاظت سان بندرگاهه تي پهچايو..- Advertisement -
